پاڪستانسنڌ

نفرتون ختم ڪرڻ لا غير ضروري رسمون ختم ڪيون وڃن:ڏاهلي ۾ راهمن جو ڪٺ

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ عيداڻي ۾ راهمان برادري جو ڪٺ ٿيو، جنهن ۾ ڇاڇرو، ڏاهلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي مختلف ڳوٺن جي معززن توڙي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن دوست محمد راهمون، ايم پي اي عبدالرزاق راھمون، وڏيري نظام الدين راھمون، علي اڪبر راهمون، سڪيلڌو راهمون، سليمان راهمون، عمران راهمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪٺ وڌندڙ مهانگائي سبب تبديل ٿيندڙ معاشي حالتن جو جائزو ورتو ويو. مختلف پاڙن جي معززن فيصلو ڪيو ته مرڻي تي خيرات جي ماني سادگي سان کارائي ويندي، پرڻي جو خرچ به گهٽائي فضول خرچ ختم ڪيا ويندا، برادري جي فلاح لاءِ ويلفيئر ڪميٽي جوڙي وئي. ڪٺ ۾ مختلف سياسي تذڪرو به ڪيو ويو. پ پ اڳواڻ دوست محمد راهمون چيو ته هي سماجي گڏجاڻي آهي، جنهن ۾ گڏ ٿيا آهيون، سياسي طور گڏ ٿياسين ته گهڻن جون وايون بتال ٿي وينديون، برادري ساٿ ڏنو ته سماجي اتحاد کانپوءِ سياسي اتحاد به ٿي سگهي ٿو. جي ڊي اي جي ايم پي اي عبدالرزاق راھمون چيو ته عزت جتي ملي، اتي بيهنداسين، برادري فيصلو ڪيو ته هر طرح جي قرباني ڏينداسين. سماجي طور غلط ريتن سبب غريب طبقو پريشان آهي، تحريڪ انصاف اڳواڻ وڏيري نظام الدين راھمون چيو ته سماجي طور برادري سان گڏ آهيون، مخدوم شاھه محمود حسين قريشي سان گڏ هوندس، اسان جو سياسي ناتو مخدوم شاهه محمود قريشي سان آهي. تاريخ تي ملتان ۾ گڏجاڻي آهي مون جي خاندان تي مخدوم جا ٿورا آهن، جيڪي آئون لاهيندس. سياسي اتحاد ڪنهن جي خواهش ٿي سگهي ٿي، پر برادري جي گهڻائي مخدوم سان گڏ آهي، باقي سماجي طور نفرتن کي ختم ڪرڻ توڙي غير ضروري رسمون ختم ڪيون وڃن ته آئون ان جدوجهد ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button