سنڌ

ميڊيا جو آواز دٻائڻ بدران آزادي جو احترام ڪيو وڃي:سي پي اين اي

ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) “پاڪستان ميڊيا فريڊم رپورٽ سال 2022 “جاري ڪري ڇڏي آهي.جنهن موجب 2022ع دوران پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال انتهائي خراب رهي ۽ اظهار جي آزادي کي دٻا ۾ رکڻ جو سلسلو جاري رهيو. سي پي اين اي جي “پاڪستان ميڊيا فريڊم رپورٽ 2022” موجب 4 صحافين پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندي زندگيون وڃائي ڇڏيون. مشهور اينڪرز ۽ صحافين ارشد شريف، اطهر متين ۽ ضياءُ الرحمان فاروقي جي وحشياڻي قتل حڪومت ۽ اختيارين جي ميڊيا جي آزادي جي دعوائن کي عالمي برادري آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هڪ عورت صحافي صدف نعيم پنهنجي پيشيوراڻي فرضن کي انجام ڏيڻ دوران ناقص حفاظتي قدمن سبب حادثي ۾ فوت ٿي وئي. وفاق ۾ اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ دور جي ميڊيا مارڻ واري پاليسين کي وسيع ڪندي ميڊيا جي آزادي متعلق پنهنجي سمورين دعوائن کان انحراف ڪيو ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي دور جي طرز تي انتقامي ڪارروائين کي جاري رکيو.صحافت جي آزادي ۽ اظهار را جي آزادي جي عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستان 157 هين نمبر تي رهيو، جيڪا گذريل سال 2021 جي مقابلي ۾ 12 درجن جي تنزلي آهي. 2022ع ۾ حڪومت جي تبديلي جي باوجود پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي، اظهار جي آزادي، معلومات تائين پهچ جي حقن کي دٻائڻ جون حڪمت عمليون تبديل نه ٿيون. جاري ڪيل رپورٽ ۾ شامل واقعا ۽ ڊيٽا، سي پي اين اي سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڪيل ميڊيا مانيٽرنگ ڊيسڪ سڌو سنئون حاصل ڪيل معلومات ۽ مختلف ميڊيا، اخبارن ۽ نيوز ويب سائيٽن تان حاصل ڪيل معلومات جي بنياد تي سي پي اين اي فريڊم اينڊ مانيٽرنگ ڪميٽي جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ مرتب ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب پيشيوراڻي فرضن جي ادائگيءَ دوران سڀ کان افسوسناڪ قتل ڪينيا ۾ مشهور صحافي ارشد شريف جو ٿيو، جنهن جو ڳانڍاپو پاڪستان جي سرزمين تي موجود ماڻهن سان ڳنڍجڻ جو شڪ آهي. ارشد شريف جي وحشياڻي قتل نه رڳو عالمي سطح تي تحقيقي صحافت ڪندڙ پاڪستاني صحافين کي حراسان ڪيو پر ان شعبي ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکندڙن جي دلين ۾ به خوف پيدا ڪيو. ملڪ جي سگھارن حلقن پنهنجي بالادستي جو وقت بوقت ثبوت ڏيندي پروفيشنل صحافين کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پيڪا جو غير جمهوري ۽ ڪارو قانون (Prevention of Electronic Crime Act) اڃا تائين نافذ آهي، جنهن جون ڪجهه شقون صحافت ۽ اظهار جي آزادي کي ناڪاري طور متاثر ڪن ٿيون. گذريل سال دوران اظهار راءِ جي آزادي لاءِ صحافين کي ڌمڪيون ۽ حملن جا واقعا پاڪستان ۾ جمهوريت جي بالادستي جي دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيا آهن ۽ آمراڻي روش کي ظاهر ڪن ٿيون. سي پي اين اي جي رپورٽ موجب 2022 دوران صحافين، ميڊيا ملازمن ۽ ميڊيا تنظيمن کي عدم برداشت جي بنياد تي ميڊيا مخالف ڪاررواين جو نشانو بڻايو ويو. تقريبن 28 کان وڌيڪ واقعن ۾ 13 صحافين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، 2 صحافين جي گهرن تي حملا ڪيا ويا، 10 صحافين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ 3 عورت صحافين کي حراسان ڪيو ويو. سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ ٻوڏ متاثرن متعلق حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ڪرڻ تي ڪيٽي بندر جي صحافي الياس سمون سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ صحافين کي دهشتگردي جي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد جي صحافي وقار ستي خلاف توهين مذهب جي الزامن تحت ڪيس هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود جاري آهي. ان کان علاوه صحافين کي سخت سينسرشپ ۽ ٻين پابندين کي منهن ڏيڻو پيو. 2022 دوران صحافين کي آن لائن هراسان ڪرڻ جو سلسلو به جاري رهيو. صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن خلاف مختلف سوشل ميڊيا ٽرينڊز شروع ڪيا ويا، ڪجهه سياسي ۽ مذهبي حلقن پاران ٺاهيل سوشل ميڊيا ٽرينڊز صحافين جي زندگين ۽ تحفظ لا خطرا پيدا ڪري ڇڏيا. ڪجهه صحافي طاقتور حلقن جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيا، جنهن سبب ڪجهه صحافي پرڏيهه هليا ويا ۽ پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ تي مجبور ٿي ويا ته جيئن سندن ارشد شريف جهڙو حال نه ٿئي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ صحافين تي حملن جي ڊيٽا محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪو به مناسب، شفاف ۽ غيرجانبدار طريقي ڪار به موجود ناهي. مختلف مرد ۽ عورت صحافين خلاف ٽرولنگ ڪئي وئي، جن ۾ شفا يوسفزئي، غريده فاروقي ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙي طرح نئين اتحادي حڪومت ۾ به گذريل حڪومت وانگر 2022ع ۾ به اشتهارن کي حربي طور استعمال ڪرڻ جو رويو برقرار رکيو ويو.ميڊيا ادارن جا صحافي ۽ ٻيو عملو پگهارن جي عدم ادائگي ۽ ٻين پريشانين جو شڪار رهيا، جڏهن ته، سي پي اين اي جي ڪوششن سان، پاڪستان تحريڪ انصاف جي گذريل وفاقي حڪومت دوران ميڊيا جي ادارن کي اشتهاراتي ايجنسين ذريعي ادائيگين بدران سڌي ريت ادائيگين جي نفاذ سان ڪافي بهتري آئي پر پنجاب حڪومت اڃا تائين ميڊيا جي ادارن کي سڌي ريت ادائيگين جو نظام لاڳو نه ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سرڪاري اشتهارن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ ڪيترن ئي سالن کان رهتن جي ادائيگي ۾ دير ٿيڻ سبب اخبارون ۽ رسالا بند ٿيڻ جي صورتحال منهن ڏئي رهيا آهن. انهن واقعن مان واضح ٿئي ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اظهار راءِ جي آزادي لاءِ سنجيده نه آهن. رپورٽ موجب سنڌ ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ قانون سازي ۽ رٽائرڊ جسٽس رشيد اي رضوي جي سربراهي ۾ جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن جو قيام سٺو سنئوڻ آهي پر عملي قدمن جو اڃا انتظار آهي. ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته ماضي ۾ پريس جي آزادي کي دٻائڻ جا نتيجا ڍاڪا سانحي ۽ ان جهڙن ٻين سانحن جي صورت ۾ سامهون آيا آهن. ان ڪري حب الوطنيءَ جي تقاضا آهي ته ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ بدران ميڊيا جي نشاندهي ۽ تجويزن تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن جمهوريت کي فروغ ملي ۽ عام را عوام جي فلاح بهبود خاطر بحال ٿي سگهي. اميد آهي ته موجوده حڪومت جمهوريت ۽ معيشت جي استحڪام سان گڏ رياست جي بنيادي ٿنڀ ميڊيا جي آزادي جو به احترام ڪندي ۽ ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين کي دٻائڻ يا تنگ ڪرڻ بدران انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻندي. سي پي اين اي پرعزم آهي ته ڪنهن به قسم جو دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو، صحافت جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button