سنڌ

مڪاني چونڊن ۾ شڪست عمران جي زوال جي نشاني آھي:اسماعيل راهو

يونيوريسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راھو ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست کي عمران خان جي مقبوليت ۾ گھٽتائي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي عبرتناڪ شڪست عمران خان جي زوال جي نشاني آھي، خان صاحب ڪراچي جي ماڻھن ۾ شعور ھو، تنهنڪري ته اوھان کي انھن رد ڪري منھن ڀر ڪيرايو. جاري ڪيل بيان ۾ اسماعيل راھو چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سنڌ جي باشعور ماڻھن تير تي ٺپو ھڻي بيٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، ثابت ٿي ويو ته عمران خان جي پارٽي امپائر جي آڱر کانسواءِ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ به نٿو کٽي سگھي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي 2018ع جي چونڊن ۾ رد ڪري ڇڏيو ھو پر ان کي جعلي ووٽن ذريعي ڏاڍ تي کٽرايو ويو، ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ ڪابه ڌانڌلي ناھي ٿي. صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته پي ٽي آءِ کان ڪراچي جي ماڻھن ڪوڙن اعلانن ۽ واعدن جو بدلو ورتو، عمران خان حالتون سنڌ جون خراب نه پر اوھان جي ذھن جون آھن، بلاول ڀٽو جي ڪارڪردگي ۽ پيپلز پارٽي جي مقبوليت کان عمران خان جون ڄنگھون ڏڪي رھيون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button