سنڌ

عمران نيازي ھڪ سياسي انتشار آھي:ناصر شاهه

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آھي ته عمران نيازي ھڪ سياسي انتشار آھي، جيڪو ھر ڏينھن ملڪي ادارن ۽ سياسي قيادت کي متضاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ھن اھا ڳالھھ اڄ سندس جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ڪئي. ھن وڌيڪ چيو تھ عمران نيازي سياست جي نالي تي تخريبڪاري ڪري رھيو آھي، ھُو ملڪ جي اثاثن، سلامتي ۽ معيشت لاءِ ھاڃيڪار آھي. سيد ناصر حسين شاھھ چيو تھ پاڪستان ڏکئي وقت مان گذري رھيو آھي ان لاءِ سڀني تي لازم آھي تھ سياست کان مٿانھون ٿي ملڪي مفاد ۾ ڪم ڪيو وڃي. ھن چيو تھ جماعت اسلامي کي پڻ شھر جي ترقي، خدمت واري جذبي سان حقيقت پسنديءَ وارا فيصلا ڪرڻ گھرجن، جنھن تنظيم اڪثريت حاصل ڪئي آھي، ميئر شپ تي ان جو حق تسليم ڪرڻ گھرجي. سيد ناصر حسين شاھھ وڌيڪ چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت جلد پنھنجي ميئر جو اميدوار نامزد ڪندي، جنھن شخصيت جو پنھنجو اثر ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button