اسلام آبادپاڪستان

عوام عمران کي پئسا هائوسنگ سوسائٽي نه پر اسپتال لا ڏنا هئا:وفاقي حڪومت

اسلام آباد:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثاقب نثار جي صادق ۽ امين شوڪت خاتم جي 3 ملين ڊالر جا خيراتي فنڊ هائوسنگ سوسائٽي ۾ لڳائڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڪوڙو ۽ فراڊي توشا خانا ۽ زڪوات چور چوي ٿو ته توشا خانا ۾ چوري ڪئي ته ڇا ٿيو؟ رياست جا 190 ملين پائونڊ کائي ويس ته ڇا ٿيو، 5 ڪيرٽ جو هيرو ئي ته ورتو آهي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جعلي صادق ۽ امين 30 لک ڊالر جي رقم هائوسنگ رٿا ۾ لڳائڻ جو اعتراف ڪيو. پاڪستان جي عوام اوهان کي شوڪت خاتم لاءِ زڪوات جا پئسا ڏنا هئا، پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي لاءِ نه. هن چيو ته ٻين تي چوري جو الزام ۽ پاڪ خيرات جي پئسن جي چوري جو ڏوهه جو اعتراف اهي، لکين ڊالر جا خيراتي پئسا لڳائيندي شوڪت خانم جي بورڊ کان منظوري به نه ورتي. هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪري ملڪ خلاف دشمني ڪئي ته ڇا ٿيو؟ زڪوات جا پئسا ئي ته چوري ڪيا آهن ته ڇا ٿيو؟ ٽرسٽ جا پئسا ئي ته کاڌا آهن ته ڇا ٿيو؟ مريم اورنگزيب چيو ته القادر ٽرسٽ جي نالي تي 458 ڪنال ايراضي رشوت ورتي ته ڇا ٿيو. بشريٰ بي بي سان گڏجي پنجاب جي هر نوڪري، هر عهدو کپايو ته ڇا ٿيو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان انهيءَ ڪري عدالت ۾ پيش نٿو ٿئي ڇو ته جيڪڏهن ٿيو ته سمورن ڪيل ڏوهن جو اعتراف ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button