اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم اٽو مهانگو کپائڻ وارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي چيف سيڪريٽري عبدالله سنبل ۽ آءِ جي پوليس عامر ذوالفقار ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم سان چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي ۽ اِها ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملاقات ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي. هن پنجاب ۾ هٿرادو مهانگائي وڌائڻ وارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اٽو مهانگو کپائڻ وارن کي پڪڙيو وڃي ۽ مهانگائي ڪنٽرول نه ڪرڻ وارن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button