مٺي: مٺي جي بلڊنگس آفيس ۾ سي سي روڊ جي 17 لک رپين واري اسڪيم جي رهيل بل جي منظوري ۽ مبينا رشوت طلب ڪرڻ تان پ پ اڳواڻ نند لال مالهي ۽ ايڪسيئن بلڊنگ اوم پرڪاش وچ ۾ ڏند چڪ بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ايڪسئين بلڊنگ پ پ اڳواڻ ۽ سندس ٺيڪيدار پٽ ڪندن مالهي مٿان غيرقانوني طريقي سان بل منظور نه ڪرڻ تان آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڌمڪين جا الزام لڳائيندي ڪيس داخل ڪرائڻ لا مٺي ٿاڻي تي درخواست ڏني. جڏهن ته پ پ اڳواڻ الزامن کي رد ڪندي آفيسر مٿان 5 لک رپيا رشوت طلب ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي. ان ڏس ۾ ايڪسئين بلڊنگس ٿرپارڪر اوم پرڪاش رابطو ڪرڻ تي الزام لڳايو ۽ پوليس کي ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پ پ اڳواڻ نند لال مالهي جو پٽ ڪندن مالهي 17 لک رپين جي سي سي روڊ جو ٺيڪيدار آھي، ايڊوانس غيرقانوني بل منظور نه ڪرڻ تي حملو ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ آفيس جا شيشا ٽوڙيا، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته مون ڊي سي، ايس ايس پي ۽ کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو آھي، آفيسرن تي حملا ٿيا ته ڪوبه آفيسر ڪم نه ڪري سگهندو. هوڏانهن پ پ اڳواڻ نند لال مالهي رابطو ڪرڻ تي چيو ته ايڪسيئن بلڊنگس اوم پرڪاش 17 لک جي ٺيڪي جو بل منظور ڪرڻ لا 5 لک رشوت طلب ڪئي ۽ اسان سان بداخلاقي ڪئي، پٽ ڪندن مالهي ڄاڻايل اسڪيم جو ڪم 2 مهينا اڳ مڪمل ڪيو، پر رشوت کانسوا ايڪسيئن بل منظوري لا کيس دربدر ڪري رهيو آھي، آفيس ۾ ڪوبه حملو يا ڀڃ ڊاهھ نه ٿي آھي، اوم پرڪاش اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ لا درخواست ڏني آھي، آئون ڪڏهن به ڪنهن کاتي جي آفيس نه ويندو آھيان، اوم فون اٽينڊ نه ڪيو ته ويس، هن مون کان سڌو سنئون 5 لک رشوت طلب ڪئي، جنهن تان ڏند چڪ ٿي، اسان 17 لک جي ڪم تي 5 لک ايڪسيئن کي ڇو ڏيون؟. هوڏانهن ايس ايڇ او مٺي محمد سومار مڱريو رابطو ڪرڻ تي چيو ته ايڪسيئن بلڊنگس اوم پرڪاش لکت ۾ درخواست ڏني آھي، پر ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيو آھي. هوڏانهن واقعي بعد بلڊنگس کاتي جي ملازمن عبدالغني پنڃارو جي اڳواڻي ۾ پ پ اڳواڻ خلاف آفيس ٻاهران مظاهرو ڪيو ۽ چيو ته پ پ پ اڳواڻ حملو ڪيو آھي، جنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close