لاهور جي علائقي ساندا ۾ يوٽيلٽي اسٽور تي گهريلو سامان خريد ڪرڻ لا قطار ۾ بيٺل شخص پنهنجو وارو اچڻ کان اڳ دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو. پنجاب جي گادي واري شهر ۾ يوٽيلٽي اسٽورن ٻاهران گهريلو سامان وٺڻ لا شهرين جي وڏي رش لڳل آهي. پوليس موجب 53 سالن جو محمد سهيل گهر جو سامان خريد ڪرڻ لا يوٽيلٽي اسٽور تي آيل هو ته قطار ۾ بيهڻ ڪري سندس طبيعت اوچتو بگڙجي وئي ۽ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي مردا خاني منتقل ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close