پاڪستانپنجاب

لاهور ۾ يوٽيلٽي اسٽور ٻاهران قطار ۾ بيٺل شخص دل جي دوري سبب فوت

لاهور جي علائقي ساندا ۾ يوٽيلٽي اسٽور تي گهريلو سامان خريد ڪرڻ لا قطار ۾ بيٺل شخص پنهنجو وارو اچڻ کان اڳ دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو. پنجاب جي گادي واري شهر ۾ يوٽيلٽي اسٽورن ٻاهران گهريلو سامان وٺڻ لا شهرين جي وڏي رش لڳل آهي. پوليس موجب 53 سالن جو محمد سهيل گهر جو سامان خريد ڪرڻ لا يوٽيلٽي اسٽور تي آيل هو ته قطار ۾ بيهڻ ڪري سندس طبيعت اوچتو بگڙجي وئي ۽ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي مردا خاني منتقل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button