سنڌ

حڪومت جو بندرگاهن تي ڦاٿل ڪنٽينرن جو ڏنڊ معاف ڪرڻ جو اعلان

ميري ٽائم بابت وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو آهي ته ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي ڦاٿل هزارين ڪنٽينرن جو ڏنڊ معاف ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ واپاري برادري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل سبزواري چيو اسان کي اندازو آهي ته شپنگ لائينز جا هزارين ڪنٽينر پورٽس تي ڦاٿل آهن، ان معاملي تي ڪيترن ئي ڏينهن کان اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري رهيا هئاسين ۽ فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي ڦاٿل ڪنٽينرن کان ڪنهن به قسم جو ڏنڊ وصول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته شپنگ لائنز ڪنٽينرز تي ڊيمرج جي چارجز ۾ رعايت ڏيڻ جي حامي ڀري آهي، پورٽس تي ڦاٿل ڪنٽينرن کان هڪ رپيو به وصول نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته آف ڊاڪ ٽرمينلز تي ڪنٽينر منتقل ٿيندا، پاڪستان ۾ ڪا شپنگ لائن بند نه پيا ڪريون، شپنگ لائنز جو ڪاروبار جاري رهندو، اسان بزنس ڪميونٽي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button