سنڌ

نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان: وياج جي شرح رڪارڊ 17 سيڪڙو تي پهچي وئي

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مرڪزي بئنڪ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪري ڇڏي، جيڪا 27 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جا امڪان وڌي ويا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو برقرار آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مسلسل دٻاءُ هيٺ آهن. گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد چيو آهي ته 6 مهينن دوران ڪارڪردگي بهتر رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو بهتر ٿيندو، امڪان آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 9 ارب تائين پهچي ويندو. جميل احمد چيو ته برآمدات ۾ گهٽتائي آئي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا گذريل مهينن ۾ گهٽجي ويا آهن، ڪجهه پرڏيهي ادائگيون باقي آهن.هن چيو ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو اضافو مهانگائي گهٽائڻ لاءِ اڻٽر آهي. هن وڌيڪ چيو ته جي ڊي پي جي گروٿ 2 سيڪڙو کان به گهٽ رهي سگهي ٿي پر لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. ڊالر جي خريد ۽ فروخت جي حوالي سان هن چيو ته ايڪسچينج ڪمپنين کانسواءِ ٻيون مارڪيٽون غير قانوني آهن، اسان اهي مارڪيٽون قبول نٿا ڪريون، اسٽيٽ بئنڪ، انٽر بئنڪ ريٽ ۽ ايڪسچينج مارڪيٽ ريٽ ئي قابل قبول آهن. گورنر جميل احمد چيو ته ڊالر نه اچي رهيا آهن، جنهن ڪري پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي دٻاءُ پئجي رهيو آهي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ موجب 23 ارب ڊالرن جي پرنسپل مان 15 ارب ڊالر ڏنا ويا آهن. هن چيو ته اسان 9 ارب ڊالر ڏنا آهن ۽ 6 ارب اوور رول ٿي ويا آهن.اسانکي 8 ارب ڊالر جا قرض ڏيڻا آهن، 2 ارب ڪمرشل لون آهن، 5 مهينن مان 3 ارب ڊالرز ادا ڪرڻا آهن، 7 يا 8 ارب جي ادائگي جون ڳالهيون غلط آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به امپورٽ کان اڳ اسٽيٽ بئنڪ کان ڪليئرنس وٺڻ گهرجي ها، ايل سيز ۽ ڪنٽينرز جو مسئلو وڏو مسئلو هو، اسان ايف پي سي سي آءِ ۽ ڪراچي چيمبرز کان درخواست ڪئي هئي، اسان انهن کان شپمينٽ جا تفصيل طلب ڪيا، ڪجهه واپاري برادري ڊيفرڊ پيمينٽ تي سامان ڪليئر ڪرڻ چاهي ٿي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته اڄ اسان صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن امپورٽرز وٽ فنڊنگ آهي ته ڪنٽينر ڪليئر ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن 180 ڏينهن جي ادائيگي جو وقت وٺندا ته پوءِ اسان بينڪن کي چيو آهي ته درآمد لاءِ ڪليئرنس ڏني وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ويو. معاشي ماهرن موجب مهانگائي جي بلند شرح، ملڪي ۽ عالمي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي سود جي شرح ۾ واڌ جو امڪان هو، جيڪو درست ثابت ٿيو. اڳ ۾ بنيادي سود جي شرح 16 سيڪڙو هئي. 25 نومبر تي اسٽيٽ بئنڪ پاليسي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي 17 سيڪڙو ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button