سنڌ

رائو انوار سميت سمورا جوابدار نقيب الله قتل ڪيس مان بري

ڪراچي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. سمورن جوابدارن تي 25 هين مارچ 2018ع تي فرم جرم لاڳو ٿيو ۽ هلندڙ سال 14 جنوري تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جيڪو ڪالهه ٻڌايو ويو. دهشتگردي ٽور عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. عدالت جو چوڻ آهي ته نقيب الله کي جنهن مقابلي ۾ ماريو ويو اُهو جعلي هو. بري ٿيندڙ ٻين جوابدارن ۾ ڊي ايس پي قمر احمد، امان الله مروت ۽ ٻيا شامل آهن. ڪيس جي شنوائي دوران عدالتي احاطي ۾ اڻ واڳيل ماڻهن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي هئي. ٻئي پاسي ڪيس ۾ فريادي ڌر جي قانوني ٽيم جي رڪن وڪيل جبران ناصر چيو ته آهي ته نقيب الله جا وارث فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ ڪندا. هوڏانهن پنهنجي بريت واري فيصلي تي رائو انوار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جج اسان سان انصاف ڪيو، جيستائين جيئرو آهيان، تيستائين مقابلو ڪندس. پوليس مقابلي جو دفاع ڪندي هن چيو ته مون سان ناانصافي ٿي، ڪوڙو ڪيس پنهنجي انجام تي پهچي ويو. ياد رهي ته نقيب الله جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس پي ملير رائو انوار، ڊي ايس پي قمر احمد ۽ سب انسپيڪٽر انار خان سميت 17 جوابدار نامزد هئا. 3 جنوري 2018 تي ملير پوليس پاران نوجوان نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ مظاهرن کانپوءِ 27 جنوري تي سپريم ڪورٽ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button