پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ آپگهات جو ٽيون واقعو، 8 ٻارن جي ما ڦاهو کائي ڇڏيو

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو مشائخ ھوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ موريو ساند ڀرسان رھندڙ ڀيل برادري جي ٻن ڏينهن بعد ٻي عورت 8 ٻارن جي ما سيتا زال کيجو ڀيل جھوپڙي اندر ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، واقعي جو اطلاع مشائخ ھوٿي ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ لاش کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته خودڪشي واقعن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي. ھوڏانھن ھندو پورھيت ڀيل برادري جي 3 ماڻھن جي خودڪشي ڪيترا ئي سوال پيدا ڪيا آهن. زال مڙس جي خودڪشي واقعن تي به مشائخ ھوٿي پوليس ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي. ياد رهي ته پارسان ۽ سندس مڙس نگيو ڀيل خودڪشي ڪئي هئي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي جھنڊو مري ٻڌايو ته تمام افسوسناڪ واقعا آھن، اسان متاثر خاندان وٽ پھتاسين، جن ٻڌايو ته مڙس نگيو پنهنجي زال پارسان ڀيل تي تشدد ڪيو، جنھن بعد پارسان ڀيل خودڪشي ڪئي، جنهن بعد پوليس عورت جي مڙس کي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو، جنھن کي پارسان ڀيل جي ڀائرن پوليس کان ڇڏايو، جنهن بعد نگيو ڀيل به رات جي وقت ڦاھو کائي ڇڏيو. معلوم ٿيو آهي ته ٽنھي فوتين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري نه ٿي سگهي آھي. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جھنڊو مري واقعي واري هنڌ پهچي نگيو ڀيل جي خاندان کي امداد طور 2 ھزار رپيا ڏنا. ھوڏانھن جماعت اسلامي جي اڳواڻن متاثر خاندان کي راشن ۽ ٽينٽ ڏنا. اڃان تائين متاثرن جي ڪنھن به چونڊيل نمائندي سار ناهي لڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button