پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص پوليس کي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ شھر ۾ چورين ۽ ڦرن جي وڌندڙ وارڌاتن بعد ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد علي جي سربراهي ۾ پوليس عملدارن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ڊي ايس پيز ۽ اسي ايڇ اوز سميت سينيئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد علي چيو ته ميرپورخاص شهر سميت ٻهراڙي جي علائقن مان چوريون، ڦرون ۽ مختلف وارڌاتون ٿيڻ ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آھي، جنهن تي سختي سان ڪنٽرول ڪرڻ لا پوليس کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته پوليس جو گشت واڌايو وڃي ۽ ڏوهارين خلاف سخت قدم کنيا وڃن. هن چتا ڏنو ته جنهن به ٿاڻي جي حد مان چوري، ڦر ۽ ڌاڙي جي واردات ٿي ته ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button