پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ پ پ اميدوار ٽائون چيئرميني لا ميدان ۾ لهي پيا

اسلام ڪوٽ: سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپو اسلام ڪوٽ ۾ ٽائون چيئرميني حاصل ڪرڻ لا سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. ٽائون ۾ پنجن ئي بلاڪن تان پ پ جي ڪاميابي بعد چونڊيل ڪائونسلرن سميت مخصوص سيٽن لا درخواستون ڏيندڙ اميدوار به چيئرميني ماڻن لا ڊُڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ مليل رپورٽن موجب ٽائون چيئرميني لا اڳوڻي چيئرمين ۽ موجوده ڪائونسلر ڪمليش ڪمار، ڪائونسلر ڊاڪٽر شنڪر لال وانڪواڻي، ڪائونسلر ڪرشن سنگهھ راجپوت ۽ واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي هٿ پير هڻڻ وارن ۾ شامل آهن، جن پارٽي اڳواڻن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ اميدوارن طرفان مڪمل حمايتن جي حام هنئي پئي وڃي. تازو تحريڪ انصاف ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪندڙ ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي پاران پنهنجي حمايتي ڪائونسلر ڊاڪٽر شنڪر لال وانڪواڻي لا ھر صورت ۾ چيئرميني حاصل ڪرڻ لا پارٽي ۾ اعلى سطح تائين رابطا شروع ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ڪائونسلر ڪرشن سنگھه راجپوت کي به اڳوڻي صدر آصف علي ذرداري جي خاص ملازم نهال مڪواڻو جي مڪمل حمايت ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته اڳوڻو چيئرمين ڪمليش ڪمار پڻ پارٽي مان پراميد آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته ٻيهر ٽائون چيئرمين ٿيڻ جا امڪان آهن. جڏهن ته واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي پڻ مخصوص سيٽ تان چيئرميني حاصل ڪرڻ لا مختلف پاسن کان زور لڳائڻ شروع ڪيا آهن. گذريل رات به پارواڻي هائوس تي وزير ممڪلت ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي ڪيل دعوت ۾ به چئيرميني بابت بحث ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button