پاڪستان

تحريڪ انصاف جو اليڪشن ڪميشن خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ۾ محسن نقوي کي نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف اڄ کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪ کي ايڏو نقصان پهچايو آهي، جنهن جو ازالو نٿو ٿي سگهي، محسن نقوي تحريڪ انصاف جو دشمن ۽ رجيم چينج جو اهم ڪردار آهي، هن اسان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون ڪيون، هن جي پٺيان اهي ماڻهو آهن جن مون کي ڪٽ هنيو آهي، جن ماڻهن کي آندو ويندو اهي ڌانڌلي ڪندا، هنن جي ڪوشش هوندي ته ڪهڙي به ريت عمران خان کي هارايو وڃي، هي ماڻهن چونڊن ۾ دير ڪندا ۽ جڏهن به اليڪشن ٿيندي ته سڀئي امپائر انهن جا پنهنجا ئي هوندا. وڊيو لنڪ خطاب ۾ هن چيو ته اسان کي پنجاب ۾ محسن نقوي قبول ناهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اڱاري (اڄ) کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪري رهيا آهيون، سڀ کان پهرين لاهور ۽ سڀاڻي راولپنڊي ۾ احتجاج ڪيو ويندو، ملڪ کي تباهي کان بچائڻ لا سڄي قوم کي پرامن احتجاج ڪرڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته محسن نقوي جي مقرري اليڪشن ڪميشن جي جانبدار هجڻ جو ثبوت آهي، مون اهڙي بدديانت اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به ناهي ڏٺي، جنهن هر فيصلو تحريڪ انصاف جي خلاف ڏنو آهي، اسان نگران وڏي وزير لا جيڪي نالا ڏنا اهي سڀ رد ڪيا ويا، ملڪ ۾ جمهوريت جو معيار ڪري چڪو آهي، اسان جيڪي نالا ڏنا اهي ايماندار ماڻهو هئا، پنجاب ۾ نگران وزيراعليٰ طور محسن نقوي جي مقرري خلاف عدالت به وڃي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button