پاڪستان

عمران خان جون ڳالهيون ڇڏي ڏيو، پاڪستان مٿان ڏمر هو:نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان پاڪستان لا ڏمر هو، ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لا هن ڪا ڪسر نه ڇڏي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي ڳالهين کي ڇڏي ڏيو، هن ماڻهو پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر باقي ناهي ڇڏي، اهڙن ماڻهن مان آجپو حاصل ڪرڻ هر پاڪستاني جي ذميواري آهي. ٻئي طرف نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي نالي تي اعتراض آهي ته پو فرح گوگي کي پنجاب جي نگران وزيراعليٰ لڳائي ڇڏيون؟ ڇو ته فرح گوگي کي پنجاب صوبو هلائڻ جو تجربو آهي. هن وڌيڪ چيو ته محسن نقوي جي مقرري بعد عمران خان هاڻي روئڻ شروع ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button