اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ بجلي نظام وري جواب ڏئي ويو،تاريخ جو وڏو بريڪ ڊائون،ڪيترائي ڪلاڪ فراهمي معطل

ملڪ ۾ بجلي جو نظام هڪ دفعو ٻيهر جواب ڏئي ويو، 90 سيڪڙو حصي ۾ تاريخ جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيڻ ڪري سڄو ڏينهن بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي مڪمل طور بحال نه ٿي سگهي هئي. ڪالهه سومر تي صبح جو بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ ملڪ جي 90 سيڪڙو علائقن ۾ فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن ۾ زندگي جو ڪاروهنوار رڪجي ويو ۽ عوام ويتر پريشان ٿي ويو. سومر تي صبح ساڍي ستين وڳي سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي اڪثر شهرن جي بجلي بند ٿي وئي جيڪا 15 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهي، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ به ماڻهو بجلي لا سڪي ويا، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا سميت ٻين شهرن ۾ رهواسين کي بجلي بندش کي منهن ڏيڻو پيو، بند ٿيل آهي. پاور ڊويزن ذريعن موجب نيشنل گرڊ جي سسٽم فريڪوئنسي گهٽجڻ سبب بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو. ذريعن موجب گڊو کان ڪوئيٽا ويندڙ وڏي ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي سبب بلوچستان ۾ وڏو بريڪ ڊائون ٿي پيو، پاور ڊويزن ذريعن موجب بجلي جي فريڪوئنسي گهٽجڻ سبب ڪيترائي پاور پلانٽ ٽرپ ٿي ويا. ذريعن موجب پاور پلانٽس بند ٿيڻ سبب سنڌ، ڏکڻ پنجاب، سينٽرل پنجاب ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي. ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي 22 ضلعن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. هوڏانهن توانائي واري وزير خرم دستگير اعلان ڪيو ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات سڄي ملڪ ۾ بجلي جو نظام مڪمل طور بحال ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته سومر تي صبح جو 7 لڳي 34 منٽن تي ملڪ جي اتر- ڏکڻ واري ٽرانسميشن ڪوريڊور ۾ وولٽيج ۾ لاها چاڙها اچڻ ڪري نيشنل گرڊ جي سسٽم فريڪوئنسي متاثر ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ وڏو بريڪ ڊائون ٿي ويو. هن چيو ته ملڪ جو ٽرانسميشن سسٽم مڪمل طور تي محفوظ آهي ۽ ڪنهن به نقصان يا خرابي جي ڄاڻ ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزير چيو ته بجلي بحال ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم قدم اهو کنيو ويو آهي ته ڏکڻ ۾ اڇ واري هنڌ پاور پلانٽ آهي، جنهن ذريعي سکر، نوشهري فيروز، لاڙڪاڻي ۽ ڪي اين شاهه ۾ معمول موجب بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان ۾ ڪجهه بجلي بحال ڪئي وئي آهي، وچ پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي ۽ ڪجهه ڏکڻ پنجاب ۾ هڪ ئي پاور پلانٽ استعمال ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته وارسڪ ڊيم ۽ اوچ پاور پلانٽ مان بجلي جي فراهمي موجود آهي، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملتان جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ بجلي جزوي طور بحال ٿي وئي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ محدود بجلي بحال ڪئي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي ٿرڪول پاور پلانٽ مان بجلي جي جزوي فراهمي جاري آهي. خرم دستگير جو چوڻ هو ته پاور پلانٽ هڪ هڪ ڪري سسٽم ۾ شامل ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري سڄو نظام بحال ٿيڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي. وفاقي وزير خرم دستگير جي رات دير سان ڪيل ٽوئيٽ موجب گڊو سان ڳنڍيل ميپڪو جي وڌيڪ گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي ۽ بحالي شروع ٿي وئي آهي، بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ذريعن موجب لاڳاپيل اختيارين کان سسٽم ۾ موجود 9 هزار ميگا واٽ بجلي به نه سنڀالجي سگهي، پاڪستان ۾ سال 2014ع کانپوءِ هي نائون ڀيرو بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو آهي، جنهن سبب سڄي ملڪ جي بجلي بند ٿي آهي. 2 ڀيرا تربيلا کان خرابي شروع ٿي، گڊو ۽ ٿرمل پاور اسٽيشنن تي به مسئلو ويتر خراب ٿيو، جڏهن ته تيل ۽ گئس جي بچت لاءِ ڪيترائي پاور پلانٽ بند ٿيل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button