عالمي

الجيريا ۾ ڪنوار جو ميڪ اپ لهڻ بعد گهوٽ کي صدمو، 20 هزار ڊالر ڏنڊ جي دعوا داخل

الجيرا ۾ وڏي شوق سان شادي ڪري ڪنوار کي گهر وٺي ايندڙ گهوٽ ان وقت شديد صدمي جو شڪار ٿي ويو، جڏهن سندس سهڻي ۽ حسين ڪنوار ميڪ هٽائي اصل چهري سان سامهون آئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ الجيرين گهوٽ هڪ ڏينهن اڳ پرڻيل پنهنجي ڪنوار کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ وٺي پهچي ويو ۽ بيان داخل ڪرايو تھ هو شادي جي رات گذارڻ بعد صبح جو ننڊ مان جاڳيو تھ سندس سامهون زال جي شڪل ۾ اها عورت موجود هئي، جنهن کي ڏسي خوف ۾ وڪوڙجي ويس ۽  کيس سڃاڻڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿي رهي هئي، ڇوتھ سندس رنگ روپ دوهانيٽيل، چهري تي داغ ۽ ٻيون ڪيتريون خرابيون موجود هيون. جڏهن تھ اهي سڀ خرابيون سندس ميڪ اپ هٽائڻ بعد ئي سامهون آيون، جيڪي مون کان لڪايون ويون هيون. هن عدالت ۾ 20 هزار ڊالر جي ڏنڊ جي پڻ دعوا داخل ڪرائي آهي. هن عدالت ۾ ڪنوار تي گهر مان چوري جو الزام پڻ لڳايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button