اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف کي نئون جائزو مڪمل ڪرڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئون پنهنجي سڄي سياسي ڪمائي ملڪ خاطر قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ملڪ ۽ قوم کي ڏکيائين ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين، ملڪ خاطر اشرافيا ۽ سرندي وارن کي به قرباني ڏيڻي پوندي. اسان آءِ ايم ايف کي اڄ ئي اهو پيغام ڏنو آهي ته توهان سان نوان جائزا مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ قوم کي اڪيلو نه ڇڏينداسين پر آءِ ايم ايف سان پنهنجو پروگرام مڪمل ڪنداسين. ڪالهه اسلام آباد ۾ نوجوانن لاءِ ڪاروباري ۽ زرعي قرضن جي پروگرام جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا، اسان جا نوجوان باصلاحيت آهن ۽ انهن جا جذبا بلند آهن. جيڪڏهن کين وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته نوجوانن کي 5 کان 75 لک رپين تائين قرض ڏنو ويندو، جنهن ۾ 5 لک رپين جو قرض بنا وياج جي هوندو ۽ اهو ٽن سالن ۾ واپس ڪرڻو پوندو. 5 کان 15 لک رپين جي قرض تي 5 سيڪڙو وياج هوندو ۽ ان جي واپسي جو مدو 7 سال هوندو. جڏهن ته 15 کان 75 لک رپين تي 7 سيڪڙو وياج لاڳو ٿيندو ۽ اهو قرض 8 سالن ۾ واپس ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ ڏکين ترين حالتن ۾ قيادت جون ذميواريون سنڀاليون آهن. اڄ وڏي واڪي اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو ته ن ليگ ۽ اسان جي گڏيل حڪومت پنهنجي سڄي سياسي ڪمائي پاڪستان کي بچائڻ لاءِ قربان ڪري ڇڏيندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي اڄ ئي اهو پيغام ڏنو آهي ته توهان سان نوان جائزا مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ قوم کي اڪيلو نه ڇڏينداسين پر آءِ ايم ايف سان پنهنجو پروگرام مڪمل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button