اسلام آبادپاڪستان

بجلي بچائڻ جا طريقا نصاب ۾ شامل ڪرڻ ۽ جامع پلان جوڙڻ جي منظوري

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا بجلي جي معطلي جهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي تياري جو حڪم ڏيندي توانائي جي بچت جون عادتون اختيار ڪرڻ لا پهرين ملڪ گير عوامي آگاهي مهم جي منظوري ڏئي ڇڏي. توانائي جي بچت جي عادتن کي عام ۽ عالمي سطح تي رائج طريقن کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم بجلي جي معطلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عوام ۽ ڪاروباري برادري جي پريشاني جو سبب بڻجندڙن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته سڌسماءَ واري وزارت جي بريفنگ ساراهه جوڳي آهي. خيبرپخوتنخوا صوبو ۽ پنجاب صوبي ۾ نگران حڪومتن کي به توانائي بچت منصوبن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو وڃي. اڱاري تي وزير اعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم ميمبرن کي اجلاس ۾ ڀليڪار چيو ۽ جامع حڪمت عملي جي تياري جو حڪم ڏنو. جڏهن ته عوام کي بجلي، پاڻي ۽ گئس سميت ٻين وسيلن جي بچت جي عادت وجهڻ ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي نوعيت جي پهرين ملڪ گير عوامي آگاهي مهم جي منطوري ڏئي ڇڏي توانائي جي بچت جي عادتن کي عام ڪيو ويندو ۽ عالمي سطح تي رائج طريقن کي تعليمي نطام ۾ شامل ڪيو ويندو. سرڪاري، خانگي، گهريلو ۽ واپاري هنڌن تي بجلي گئس پاڻي جي بچت سان تيل اسمن بابت امپورٽ بلن ۾ خاص گهٽتائي ٿيندي جيڪو گذريل 7 سالن ۾ ٻيڙو ٿي چڪو آهي. توانائي جي بچت جي قومي رويي ۾ تبديلي سان نه رڳو اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو بچندو پر انفرادي سطح تي عوام جي بل ۾ 30 کان 40 سيڪڙو گهٽتائي به ٿيندي. وزيراعظم گذريل ڏينهن ملڪ ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ ڪندي چيو ته عوام ۽ ڪاروباري برادري جنهن تڪليف ۽ پريشاني کي منهن ڏنو اهو برداشت کان ٻاهر آهي. مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو برداشت نه ڪندس. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ تي وزيراعظم جي جوڙيل اعليٰ سطحي ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي سمورين حڪومتن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي. توانائي وزير ٻڌايو ته شروعاتي رپورٽ مطابق هي واقعو صبح 7 لڳي 34 منٽن تي نارٿ سائوٿ ٽرانسميشن لائن ۾ فني خرابي ۽ برقي رو ۾ اوچتو ايندڙ گهٽ وڌائي۽ فري ڪوئنسي ۾ تعطل جي نتيجي ۾ ٿيو جنهن کان پوءِ بجلي جو روانگي نظام آٽوميٽڪ حفاظتي نطام تحت بند ٿي ويو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي فوري نوٽيس ۽ هدايتن کان پوءِ ملڪ ۾ بجلي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويا ۽ 23 جنوري جي رات 10 وڳي تائين سمورن وڏن شهرن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ سمورين 1112 گرڊ اسٽيشنز کي اڱاري صبح پنج وڳي تائين بحال ڪيو ويو آهي ۽ بجلي جي فراهمي واهپيدارن تائين يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم جي خاص هدايتن تي گئس مان بجلي ٺاهيندڙ پاور پلانتس کي فوري طور تي هلايو ويو آهي ۽ انهن مان بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تيل اسمن جي امپورٽ ۾ مسلسل واڌ جي ڪري امپورٽ بل وڌي رهيو آهي، 2017 ۾ تيل اسمن جو امپورٽيڊ بل 18 سيڪڙو هو جيڪو 2022 ۾ وڌيڪ 29 سيڪڙو تي وڃي پهتو اهي. پاڪستان کي معاشي دٻاءُ مان ڪڍڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ لاءِ توانائي جي بچت نهايت اهم آهي. ملڪ گير مهم کي جلد کان جلد هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا کي توشا خانا جي حوالي سان ٺاهيل بين الوزارتي ڪميٽي جي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي وئي. ڪميٽي توشه خانه جي نئين پالسي جو مسودو به ڪابينه اجلاس ۾ پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون ۽ نئين توشه خانه پاليسي تي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويزن جي روشني ۾ بين وزارتي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ترميمون ڪري. توشاخانا جا تفصيل پبلڪ ڪرڻ جي منظوي ڏني وئي. اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪري وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 جنوري 2023 ۽ 11 جنوري 2023 ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا سي سي ايل سي جي 6 جنوري 2023 جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به توثيق ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button