اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آءِ ايم ايف کي گئس مهانگي ڪرڻ ۽ پيٽروليم ليوي وڌائڻ جي خاطري

اسلام آباد :پاڪستان آءِ ايم ايف کي گئس مهانگي ڪرڻ ۽ پيٽروليم ليوي وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ حڪومت آءِ ايم ايف کي پيٽروليم ليوي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ سميت ٽيڪس وصولي جا هدف پورا ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پاڪستان آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته گئس تڪڙي مهانگي ڪري ڇڏينداسين، پيٽرول تي ليوي به وڌائي رهيا آهيون، ٽيڪس به پورا ڪنداسين، بس توهان قرض ڏيو. ذريعن موجب ڳالهين دوران آءِ ايم ايف بجلي تي سبسڊي ۽ مختلف شعبن ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ جا شرط لڳايا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستاني وفد کي چيو ته رپئي جي قدر ۾ واڌ کي هٿرادو طريقي سان نه روڪيو وڃي. بجلي جي سبسڊي به ختم ڪئي وڃي، ٽيڪس جي جي ڊي پي شرح وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ مختلف شعبن کي ڏنل ڇوٽ ختم ڪئي وڃي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي قيادت ناڻي واري سيڪريٽري حميد يعقوب شيخ ڪئي. جڏهن ته آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي جائزي مشن سان ورچوئل ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف جي ٽيم جي سربراهي نظرثاني مشن جي سربراهه ناٿن پورٽر ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي ٻوڏ بابت منصوبن تي خرچن جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ويو. آءِ ايم ايف سان ورچوئل ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي کانپوءِ معاشي جائزي کي مڪمل ڪرڻ ۽ پروگرام کي ٻيهر ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان فزيڪل ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي، اميد آهي ته هلندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف کي ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ۽ معاشي اشارن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان کان علاوه موجوده مالي سال لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولين جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ غور هيٺ آيل روينيو قدمن ۽ توانائي جي شعبي ۾ متوقع اهم فيصلن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي. ذريعن موجب پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف اختيارين کي گئس جي اگهن ۾ جلد واڌ جي امڪاني فيصلي کان آگاهه ڪيو. وفد چيو ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2022ع کان ٿيندي، ان کان علاوه گيس سيڪٽر جو گردشي قرض آهي. ان کان علاوه پيٽروليم شين تي ليوي کي به مرحليوار وڌائي پئي وڃي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو ته پاڪستان روپئي جي قدر مصنوعي طور تي نه گهٽائي، بجلي تي سبسڊي ختم ڪئي وڃي، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي تناسب ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا وڃن، مختلف شعبن جي ڇوٽ پڻ ختم ڪئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاران هلندڙ هفتي ناڻي واري وزارت جي آفيسرن سان ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي، ناڻي واري وزارت جا عملدار آءِ ايم ايف کي سمورن مقصدن تي اعتماد ۾ وٺندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button