اسلام آبادپاڪستان

آ ايم ايف جون فرمائشون پوريون ڪرڻ لا مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پروگرام کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايڪسپريس نيوز موجب وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ معاهدي ۾ شامل شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن جي آمد کان اڳ اڪثر شرطن تي پورو لهڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ مني بجيٽ جو مسودو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن تحت ڪيترن ئي لگزري آئٽمز تي اضافي ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ ۽ 70 ارب رپين جي سامان تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. ان کان علاوه نان فائلرز جي بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته روينيو قدمن بابت تجويزون ناڻي واري وزارت سان شيئر ڪيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان ناڻي واري وزارت ۾ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ ٽيڪس تجويزن تي ڪم جاري آهي. جنهن تحت 50 هزار روپين کان وڌيڪ روزاني جي بئنڪ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. جڏهن ته تجويز ڪيل ٽيڪس فعال ٽيڪس ادا ڪندڙن جي لسٽ ۾ شامل ماڻهن تي لاڳو نه ٿيندو. ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته نان فائلرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان 45 کان 50 ارب رپين جي آمدني ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button