پاڪستانسنڌ

ڪنري مان گم ٿيل چيلهار جي نينگري جو پتو نه پيو

چيلھار: عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ڪنري مان گم ڄاڻايل نينگري مينا جوڳي جو اڍائي مهينا گذرڻ باوجود پتو نه پئجي سگهيو. چيلهار ۾ سندس پيرسن والد احتجاج ڪندي چيو ته اڍائي مهينا اڳ منهنجي 9 ورهين جي ڌي مينا ڪنري ۾ آمريڪن چوڪ وٽ خيرات گهرندي لاپتا ٿي وئي، اسان ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل پڻ ڪرايو ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيا، پر ڪير مدد نٿو ڪري. نينگر جي پيرسن معذور پي نيٻو جوڳي وڌيڪ چيو ته نياڻي جي گم ٿيڻ بعد سخت پريشان آهيون. هن ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button