پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ وياج جي آزار سبب ماڻهو خودڪشيون ڪن پيا:ڇاڇرو ۾ ڪانفرنس

ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران صوفي شاهه عنايت شهيد جي ياد ۾ “جو کيڙي سو کائي” جي عنوان سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مين چوڪ پريس ڪلب اڳيان ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته هتي وڏيرن جي سرڪار جو جبر آهي، منشيات عام آهي، وياج جي ڪاروبار سبب ٿر جا ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، هارين کان 2 هزار رپيا ڪڻڪ خريد ڪري ساڳئي ڪڻڪ 6 هزار رپيا مڻ وڪرو ڪئي پئي وڃي، ملڪ تي 10 سيڪڙو ماڻهو 90 سيڪڙو جو استحصال ڪري رهيا آهن، ناانصافين خلاف هاڻي هيٺين طبقي کي منظم ٿيڻو پوندو. پروفيسر نيڪ محمد ڪاڪڙ چيو ته ٿر ۾ علاج نه هئڻ سبب معصوم ٻار ۽ عورتون اسپتالن ۾ زندگي وڃائي رهيون آهن، هتي جي معدنيات تي مقامي ماڻهن جو ڪو به حق ناهي. ڪامريڊ اقبال چيو ته وڏيرا ۽ ڪامورا شاهي جو راڪاس آهي، ڇاڇري ۾ جيترو وياج جو ڪاروبار آهي، ايترو ڪٿي به ناهي، هتي انسان گروي آهن، انتظاميا نالي ڪا شي ناهي، اسان ڇاڇرو کي جدوجهد جو مرڪز بڻائينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڇاڇرو ۾ وياج جي ڪاروبار ۽ زمينن تي قبضن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ليکڪ رام اوڏ چيو ته ظلم جي ڪاري رات پڄاڻي تي آهي، سچ جي صبح جو سج ضرور اڀرندو، هاڻي هيسجي اسان کي ويهڻ نه گهرجي، مظلوم طبقو متحد ٿيو ته سامراجي ڀت ڊهي ويندا. اسان رڳو نظرياتي ڳالهھ ڪريون، پر بنا نظرئي جي اسان منزل تائين نٿا پهچي سگهون. اسان کي ويڙهائي حڪمراني ڪئي پئي وڃي، مظلوم طبقي لاءِ روزگار ۽ علاج ناهي. ڪامريڊ ڏامرومل چيو ته ڳوٺن مان هاري اٿي رهيا آهن، هاڻي شڪست وڏيري جو مقدر بڻجي وئي آهي. سنڌ هاري ڪميٽي اڃان وڌيڪ جدوجهد تيز ڪندي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر مير منور ٽالپر پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ڳالهائيندي چيو ته صوفي شاھه عنايت شهيد جو کيڙي سو کائي جو فلسفو ڏئي ويو، اسان کي فلسفي جي روشني ۾ جدوجهد ڪرڻي پوندي. شاهه عنايت شهيد جي شهادت حقيقت ۾ ولادت آهي، اسان هاڻ مزدور طبقي کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻو پوندو. ملڪ جون حالتون غير يقيني واريون آهن، جنهن جا ذميوار ڪرپٽ حڪمران آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button