پاڪستانسنڌ

سروري جماعت جي اميدوارن پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي:ذوالفقار بچاڻي

مسڻ وڏي: يوسي سلطان آباد تي پ پ جي اميدوارن کي بلدياتي اليڪشن ۾ شڪست ڏيندڙ راڄوڻي اتحاد جي چيئرمين سروري جماعت جي ظھير احمد پلهھ ۽ وائيس چيئرمين عبدالعزيز بروهي سان پ پ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، پ پ يوٿ ضلعي ٽنڊوالهيار جي صدر وسيم لطيف مڱريو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي پ پ اڳواڻ غلام قادر مري ڳوٺ حاجي محمد پلھه ۾ پلهھ هائوس پهچي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي پ پ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ پ پ اڳواڻ غلام قادر مري چيو ته سروري جماعت پڻ پاڪستان پ پ جو حصو آهي، جماعت جي اميدوارن پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ جي ڪري راڄوڻي اتحاد جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿي پنهنجي طاقت ۽ حيثيت مڃرائي آهي، اسان کي ان ڳالهھ جي خوشي ٿي آهي ته وري به يوسي سلطان آباد سميیت سڄي ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ پ پ جي سوڀ ٿي آهي. ان موقعي تي پ پ اميدوارن کي شڪست ڏياريندڙ سروري جماعت ڊويزنل حيدرآباد جي نائب صدر ايڊووڪيٽ حبيب الله پلھه، چيئرمين ظھير احمد پلهھ، وڏيري غلام عباس پلھه ۽ مشتاق حسين پلهھ چيو ته يوسي سلطان آباد جي عوام اسان کي عزت بخشي آهي، هتان جي عوام اسان سان هميشه گڏ رهيو آهي، اسان اقتدار ۾ نه هئڻ باوجود به يوسي سلطان آباد سميت ٻين يوسيز جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. جڏهن ته پ پ جي هارايل وائيس چيئرمين جي اميدوار محمد اسلم ڪوري، مخدوم فضل ولهاري، جبران امين حيدري، نالي واري شخصيت مير عبد ٽالپر، وڏيري محمد آريسر، وڪيو خان ڪاٺيو، نورالدين ميئو راجپوت، محمد قاسم ملاح، حاجي فاروق لغاري ۽ ٻيا مبارڪون ڏيڻ پهتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button