اسلام آبادپاڪستان

اسلامو فوبيا سان وڙهڻ لاءِ عالمي اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف ڊينمارڪ جي هڪ سياستدان طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڊينش سياستدان طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي چڙ ڏياريندڙ آهي. اسلامو فوبيا سان وڙهڻ لاءِ عالمي اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. آچر تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي وزيراعظم شهبازشريف ڊينمارڪ ۾ قرآن مجيب جي بي حرمتي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ڊينمارڪ جي سياستدان طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي چڙ ڏياريندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته ڊينمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو مسلسل ٽيون واقعو آهي، مهذب دنيا کي اهڙن واقعن جي سخت مذمت ڪرڻ گهرجي. شهبازشريف چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي اسان سخت صدمي ۾ آهيون. هن واقعي سان اسان کي وڏي تڪليف ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button