اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جي ماريل عوام لا پيٽرول ۽ ڊيزل 35 رُپيا في لٽر مهانگو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد :ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مهانگائي جي ماريل عوام لا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 35 -35 رُپين جي وڏي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته نوان اگهه فوري طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن. تيل مهانگو ڪرڻ کانپو سڄي ملڪ ۾ عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته آ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ بعد تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل رُپئي جي مُلهه جي انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 35،35 رُپيا في لٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 18-18 رُپيا في لٽر واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته تيل جو نئون اگهه 249 رُپيا 80 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر قيمت 262 رُپيا 80 پئسا في لٽر هوندي. اهڙي طرح گاسليٽ جي نئين قيمت 189 رُپيا 83 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 187 رُپيا في لٽر هوندي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شين جا نوان اگهه ڪالهه صبح يارنهن وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ جون خبرون سامهون آيون ۽ عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ اٽڪل يارنهن سيڪڙو تائين واڌ ٿي. اسان کي انهن سمورين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ پنجاهه رُپيا في لٽر واڌ جون افواهون پکيڙيون ويون، گذريل چئن مهينن دوران هڪ ڀيرو به پيٽروليم شين جا اگهه ناهن وڌايا ويا. ويتر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ اٽڪل ويهه رُپين تائين لاٿ ڪئي. جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ 29 ۽ 30 رُپيا لاٿ ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته اوگرا طرفان تجويز پيش ڪئي وئي ته پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اگهن ۾ واڌ ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button