پاڪستانخيبرپختونخوا

ڪوهاٽ جي تانڊا ڊيم ۾ کٿابين جي ٻيڙي اونڌي، 12 ٻارڙا فوت

ڪوهاٽ جي علائقي زردسي ۾ پڪنڪ ملهائڻ لا پهتل کٿابين جي ٻيڙي تانڊا ڊيم ۾ اونڌي ٿي پئي، جنهن ۾ نتيجي ۾ 12 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. مقامي انتظاميا موجب تاندا ڊيم گهمڻ لاءِ آيل مدرسي جي کٿابين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ ڪري 20 ٻارڙا ٻڏي ويا، ريسڪيو عملي 18 ٻارن کي ٻاهر ڪڍي ورتو، جن مان 12 کٿابين دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 8 ڄڻن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ٻيڙي تي وزن گهڻو هو، تنهن ڪري توازن بگڙجڻ ڪري ٻيڙي ڊيم جي وچ ۾ اونڌي ٿي پئي، جڏهن ته ٻين ٻارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف خيبر پختونخوا جي نگران وڏي وزير محمد اعظم خان واقعي تي ڏُک جو اظهار ڪندي ضلعي اتنظاميا ۽ امدادي ٽيمن کي هنگامي بنيادن تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button