بلوچستانپاڪستان

لسٻيلي ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي، 41 ڄڻا سڙي فوت

لسٻيلا ويجهو مسافر ڪوچ کاهي ۾ ڪرڻ ۽ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 41 مسافر سڙي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هان ڏاريندڙ حادثي ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. معلوم ٿيو آهي ته مسافر ڪوچ ڪوئيٽا کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته لسٻيلا جي علائقي بيلا ۾ چينڪي اسٽاپ ويجهو کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن بعد ڪوچ کي فوري طور تي باهه وڪوڙي وئي. اطلاع تي امدادي ٽيمون ۽ ريسڪيو رضاڪار حادثي واري هنڌ پهچي ويا ۽ باهه وسائڻ ۾ لڳي ويا، جنهن دوران حادثي ۾ 41 ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا، شروعاتي طور تي 40 لاش ڪڍي اسپتال پهچايا ويا، جڏهن ته 4 زخمين کي سول اسپتال بيلا منتقل ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر بيلا حمزا انجم ٻڌايو ته ڪوچ ۾ لڳ ڀڳ 44 مسافر سوار هئا پر حتمي طور تي ڪجهه چئي نٿو سگهجي ۽ فوتين جو انگ وڌڻ جو امڪان آهي. هن وڌيڪ چيو ته حادثي جو شڪار ڪوچ مان ڪڍيل لاش گهڻي قدر سڃاڻپ جوڳا نه رهيا آهن، لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويندي. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي بس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قيمتي جانين جي ذيان تي ڏک پهتو آهي، هن انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين جو بهتر علاج ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button