اسلام آبادپاڪستان

نااهل حڪومت تيل مهانگو ڪري غريب عوام کي وڌيڪ پيڙهي ڇڏيو آهي: عمران خان

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته نااهل ۽ ڪرپٽ امپورٽيڊ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ هوش اڏائيندڙ اضافو ڪري پگهاردار طبقي ۽ غريب عوام کي وڌيڪ پيڙهي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت بدانتظامي ذريعي ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي پگهاردار طبقي ۽ غريب عوام کي وڌيڪ پيڙهي چيڀاٽي ڇڏيو آهي، ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويو، هاڻي بدانتظامي جو اهو حال آهي ته ڪرپٽ سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ هوش اڏائيندڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪرپٽ حڪومت 200 ارب جو مني بجيٽ به آڻڻ واري آهي، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ سان مهانگائي جي غير معمولي لهر ايندي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 35 رُپيا واڌ ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو ملهه 262 تائين پهچي ويو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته 200 ارب جي مني بجيٽ ۾ ناقابل يقين 35 سيڪڙو مهانگائي جي اميد آهي، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ به واڌ جو امڪان آهي. ٻئي طرف اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آ جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ عوام امپورٽيڊ حڪمرانن جي ڪري وڌيڪ بار هيٺان دٻجي ويو آهي، عوام نيٺ ڪيستائين هنن حڪمرانن جي نااهلي جي قيمت ادا ڪندو، پيٽرول اگهن ۾ واڌ حڪومت جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي، ملڪ اڳيئي معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button