سنڌ

آءِ ايم ايف ۾ وڃڻ باوجود پاڪستان جو ڏيوالو نڪرندو:شبر زيدي

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بئنڪنگ صحيح طرز تي نه پئي ٿئي، اها حڪومت جي مالي پاليسي جي ناڪامي آهي. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ باوجود هي ملڪ ڊيفالٽ ڏانهن وڌي رهيو آهي، 17 سيڪڙو پاليسي ريٽ سان بئنڪون نفعو ڏيڻ نٿيون چاهين، اهو ريٽ کين واري ۾ نٿو اچي، اهي پنهنجي ڪسٽمرن کي سيونگ اڪائونٽ کان ڪرنٽ اڪائونٽ منتقل ڪرڻ لاءِ زور پيون ڀرين، اهڙي حرڪت بئنڪنگ آرڊيننس جي خلاف آهي، اهو فيصلو اسلامي بئنڪنگ تي لاڳو نٿو ٿئي. هن چيو ته توهان کي پنهنجي درآمد 50 ارب ڊالر گهٽ ڪرڻي آهي، جيڪڏهن درآمد گهٽ نه ڪئي وئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو، اسٽيٽ بئنڪ جي نالائقي آهي ته ان بئنڪن کي 100 ارب رپيا ڪمائڻ جو موقعو ڏنو، ان معاملي تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، توهان کي 50 ارب ڊالر جي سڌي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. هن جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪو به حل ناهي، وياج شرح کي اهي 20 سيڪڙو تي وٺي ويندا، پاڪستان جي بيلنس شيٽ ايندڙ 5 سالن تائين نه پئي ٺهي، انهن جي ذهنن ۾ ڪجهه به ناهي، اهي لسي پي ستل آهن، جڏهن جاڳيا ته پوءِ خبر پوندي ته ڪٿي پهتل آهن، پاڪستاني عوام پيڙهجي رهي آهي، هي حڪمران ته اهي ملڪ وڪڻڻ لاءِ آيا آهن. هن چيو ته مون اهي ڳالهيون عمران خان جي دور ۾ به ڪيون هيون، تڏهن سڀ مون تي کليا هئا، پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ صحيح نٿو ٿئي، ڪو مائي جو لال پاڪستان کي ڊيفالٽ کان نٿو بچائي سگهي، ڪابه حڪومت 6 مهينا نٿي هلي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته 50 ارب ڊالر جي کوٽ آهي، پاڪستان گذريل هڪ سال ۾ امپورٽ گهٽائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ اسان جي عوام به بيحس آهي، اليڪشن ۾ ڪا به پارٽي حڪومت ۾ آئي ته ان خلاف مهانگائي جو شور هوندو، پاڪستان ۾ آٽوڪريٽڪ حڪومت گهرجي، انهن بدمعاش دڪاندارن، آڙتين کي ڌاڳي ۾ آڻڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button