سنڌ

مهانگائي پي ٽي آءِ حڪومت جي پاليسين جو نتيجو آهي:شازيا مري

وفاقي وزير شازيا مري مهانگائي جو ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته تيل اگهن ۾ اضافي تي کين به تڪليف آهي. وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته مهانگائي تحريڪ انصاف حڪومت جي چئن سالن جي پاليسين جو نتيجو آهي، عوام کي آءِ ايم ايف جي شرطن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران خان جي الزامن سبب بلاول ڀٽو زرداري جي خاندان لاءِ خطرا وڌي ويا آهن، دهشتگردن جو مددگار ٻين تي الزام هڻي رهيو آهي، آصف علي زرداري تي الزامن خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. سندس چوڻ ته عمران خان مان چڱائي جي ڪابه اميد ناهي، آصف علي زرداري تي الزام مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي غلط فيصلن سبب اتحاد مسئلن ۾ گهيريل آهي، چئن سالن دوران پي ٽي آءِ حڪومت تباهي وارا فيصلا ڪيا آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، اختلافن تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، ڌمڪيون نه ڏيڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري تي ڪيس داخل ٿيڻ مان خوش نه آهيون پر جيڪڏهن سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪيس داخل ڪرائي ٿو ته تحفظ سندس حق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button