پاڪستان

ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو بي مُلهه ٿي ويو، مهانگائي ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ جو خطرو

پاڪستاني رپيو گذريل ٻن ٽن ڏينهن اندر آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ 12 سيڪڙو قدر وڃائي ويٺو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سڄي ملڪ اندر مهانگائي ۾ هوش اڏائيندڙ واڌ جو خطرو وڌي ويو آهي، رپورٽ موجب ايڪسپورٽ جي سهاري هلندڙ معيشت ۾ ڊالر جي وڌندڙ کپت جي ڀيٽ ۾ فراهمي نمايان طور گهٽجي وئي آهي، طلب ۽ رسد ۾ وڏي فرق کي گهٽائڻ لا اسٽيٽ بئنڪ وٽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ پهچائڻ لا ڊالر ئي موجود نه آهن. ٻئي طرف ملڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي وارا ذخيرا گهٽجي 3 ڏهائي 7 ارب ڊالر جي خطرناڪ حد تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته ادائيگين جي ڊيمانڊ ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائيگي تمام وڌي وئي آهي، ملڪ جي سراسري درآمد واري ادائيگي هلندڙ سال جي شروعاتي ڇهن مهينن ۾ لڳ ڀڳ 5 بلين ڊالر ماهوار آهي، جڏهن ته پرڏيهي قرضن جي ادائيگي ان هٽي ڪري آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت آ ايم ايف جي مطالبي تي ناڻي جي مٽاسٽا جو لچڪ وارو نظام بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق هاڻي معيشت ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي طلب ۽ رسد واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ جي قوتن (اڪثر ڪمرشل بئنڪ) کي رپئي ۽ ڊالر جي مٽاسٽا شرح جو تعين ڪرڻ جا اختيار واپس ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button