ڪوهاٽ جي تانڊا ڊيم مان 13 ٻارن سميت وڌيڪ 19 لاش ڪڍيا ويا، جنهن بعد ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ فوتين جو انگ 30 ٿي ويو آهي، ٻيڙي ۾ لڳ ڀڳ 40 ماڻهو سوار هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڍنڍ ۾ مدرسي جي هڪ استاد ۽ ناکئو سميت وڌيڪ ڪجهه ٻارن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته 6 ٻارن کي زنده بچايو ويو هو. فوت ٿيل ٻارن جي جنازي نماز ڳوٺ ميرباش خيل، ڳوٺ سليمان تالاب ۽ ڀرپاسي جي ٻين علائقن ۾ ادا ڪري مڙهه مٽي ما حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به جاري رهيو. ڊپٽي ڪمشنر فرقان اشرف ميڊيا کي ٻڌايو ته ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪ فوج، نيوي، ريسڪيو ۽ مقامي ٽوٻن حصو ورتو، ٻئي ڏينهن تي ڍنڍ مان 19 لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته پهرئين ڏينهن 11 لاش هٿ آيا هئا. جنازي نماز ۾ فوجي آفيسر، ڊي آ جي پوليس، ڊپٽي ڪمشنر، ضلعي عملدارن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس محمد رياض شهيد ٿاڻي تي ٻيڙي هلائيندڙ شخص ۽ آبپاشي کاتي جي ايڪسيئن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته مدرسي ۾ پڙهندڙ ٻارڙا پڪنڪ ملهائڻ لا تانڊا ڊيم ويا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close