اسلام آباد:ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 595 ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 231 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 720، سنڌ ۾ 4 لک 73 هزار 81، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 79 هزار، بلوچستان ۾ 33 هزار 391، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 400 اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 275، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 506 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 79 هزار 373 ٿي ويو آهي. هينئر تائين 2 ڪروڙ 13 لک 52 هزار 792 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 862 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. جڏهن ته 12 لک 27 هزار 688 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ۽ هڪ هزار 119 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close