پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪ ۾ مهانگائي بي قابو ٿي وئي،کير في لٽر 20 رپيا مهانگو

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جا وار جاري آهن، غريب عوام مٿان هڪٻئي پٺيان مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن. پيٽرول، بجلي، گئس ۽ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ڊيري فارمز اوچتو کير جي قيمتن ۾ 20 رپيا في لٽر واڌ ڪري ڇڏي. ڊيري فارمرز جو چوڻ آهي ته جانورن جي چاري جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي، جنهن کان پوءِ کير جي في لٽر قيمت 140 رپيا مقرر ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا ڊيري فارمز کي آگاهي ڏيندي سرڪاري قيمتن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ به کير جون قيمتون آسمان تي آهن ۽ شهر ۾ کير في لٽر 140 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڪمشنر ڪراچي جي ريٽ لسٽ ۾ کير جي في لٽر قيمت 94 رپيا آهي. جڏهن ته سموري شهر ۾ وڌندڙ قيمتن تي کير جي وڪرو واري عمل تي ڪوبه ايڪشن نه پيو ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button