پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عالمي منڊي ۾ پيٽرول سستو،سرڪار اعلان ڪڏهن ڪندي:شيري رحمان

اسلام آباد: سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 1 ڏهائي 6 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. مهانگائي سرڪار تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪڏهن ڪندي؟ پ پ جي مرڪزي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊالر جي قيمت ۾ اضافي سان هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي. هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح 17 ڏهائي 37 سيڪڙو جي رڪارڊ تي پهچي چڪي آهي. هڪ هفتي دوران 30 کان وڌيڪ عام واهپي وارين شين ۾ اضافو ٿيو. شيري رحمان چيو ته ڊالر 1 رپيو 80 پئسن جي اضافي سان بلند ترين سطح 176 رپين تائين پهچي ويو. ٻئي طرف 3 سالن ۾ تباهي سرڪار 16 هزار ارب رپين جو قرض ورتو آهي. وڌندڙ مهانگائي، قرضن، ڊالر ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button