پاڪستانسنڌ

اڳوڻي گورنر عشرت العباد ۽ فاروق ستار جي دبئي ۾ اهم ملاقات

دبئي: سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي جي سربراهه فاروق ستار وچ ۾ دبئي ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ اڳوڻي گورنر عشرت العباد وچ ۾ ڊگهيون ڳالهيون ٿيون ۽ ان دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ماضي جا اختلاف وساري اڳيان وڌڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته ٻين اڳواڻن سان به وڌيڪ رابطا بحال ۽ تيز ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ عشرت العباد ايندڙ ملاقات ۾ سياسي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button