اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردي خلاف 417 ارب پختونخوا کي ڏنا ويا،ڪيڏانهن ويا:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ان کان وڌيڪ بدقسمتي جي ٻي ڳالهه نٿي ٿي سگهي ته دهشتگردي جي لهر ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي. سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته انهن دهشتگردن کي ٻيهر ڪنهن واپس آندو؟ وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي بهادر ۽ غيرتمند عوام جي همت کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. پساور حملي ۾ پنهنجون جايون قربان ڪندڙ شهيدن کي پاڪستان هميشه ياد رکندو. هن چيو ته دهشتگردي روڪٿام جي قدم جي مد ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت گذريل 10 سالن ۾ 417 ارب رپيا خيبرپختونخوا کي ادا ٿي چڪا آهن ته جيئن ان حوالي سان ان جون جائز ضرورتون پوريون ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته هي 417 ارب رپيا خاص طور تي دهشتگردي ٽوڙ جي قدمن لاءِ رکيل هئا، خدا ڄاڻي ايڏي وڏي رقم ڪيڏانهن هلي وئي؟ 10 سال هتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت رهي، اڄ اهي چون ٿا ته اسان وٽ وسيلا نه آهن ته هي 417 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا، ڪٿي استعمال ٿيا. هن چيو ته هن سموري عرصي دوران ڪنهن ٻئي صوبي کي ان مد ۾ ڪائي رقم نه ڏني وئي، رڳو خيبرپختونخوا کي هي رقم ڏني وئي. مان هتي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه پيو ڪيان پر حقيقتون بيان ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته اوهان کي 40 ارب سال جا ملي رهيا هجن ته پوءِ اوهان جي هي شڪايت جڳائي نٿي ته اسان جي دهشتگردي روڪٿام کاتي ۾ ڪمزوريون آهن يا ان وٽ گهربل سامان يا تربيت نه آهن. هي سڀ ڳالهيون يقين جوڳيون نه آهن فنڊ نه ملڻ جي شڪايت ڪرڻ حقيقتن کي نه مڃڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته آپريشن ردالفساد ۽ آپريشن ضرب عضب جي ذريعي دهشتگردن کي ڪاري ضرب لڳي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني حصو وڌو آهي. هن چيو ته هي هڪ سوچڻ جي گهڙي آهي ان کي ان جو جائزو وٺڻو پوندو ڪنهن چيو هو ته هي دهشتگرد جهادي آهن ۽ پاڪستان جا دوست آهن. ڪنهن چيو هو ته انهن هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا ۽ هي پاڪستان جي امن ۽ ترقي جو حصو هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button