اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جو طوفان،کير 10 ۽ گيهه 160 رُپيا في ڪلو مهانگو

اسلام آباد :يوٽيلٽي اسٽورز تي هڪ ڀيرو وري عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌي ويا آهن جنهن کانپوءِ کير جي اگهه ۾ ڏهه ۽ گيهه جي قيمت ۾ 160 رُپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي موجود مختلف برانڊز جا مصالحا، لوڻ، ٿانوَ ڌوئڻ واري پائوڊر سميت مختلف شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. يوٽيلٽي اسٽورز تي ٽوٿ پيسٽ جي قيمت ۾ ويهه رُپيا، لوڻ ويهه رُپيا، ٽوائلٽ ڪلينر جي قيمت ۾ سترنهن رُپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. کير جو دٻو چاليهه رُپيا، نوڊلز پنجٽيهه رُپيا ۽ ڪئچپ ٽي رُپين تائين مهانگو ٿي ويو آهي. جڏهن ته شربت سٺ رُپيا ۽ آلمنڊ آئل جي قيمت ۾ ويهه رُپيا واڌ ڪئي وئي آهي. بوٽ پالش به 35 رُپيا مهانگي ٿي وئي آهي. يوٽيلٽي تي ميڪروني جي قيمت 45 ۾ رُپيا، چلي گارلڪ ساس 40 رُپيا، برياني مصالحو ڏهه رُپيا ۽ کٽاڻ جي قيمت ۾ 87 رُپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. لوڻ جي اگهه ۾ پنج رُپيا واڌ جڏهن ته فروٽ جام 45 رُپيا، ڪريم چاليهه ۽ باڊي لوشن 80 رُپين تائين مهانگو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button