اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي 27 ڏهائي 6 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد : پاڪستان ۾مهانگائي جي شرح ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. شماريات کاتي ماهوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب جنوري دوران مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح ٻه ڏهائي نوَ سيڪڙو وڌا رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مُلڪ ۾ مهانگائي 27 ڏهائي 6 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي آهي. شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب جولاءِ ٻه هزار ٻاويهه کان جنوري ٻه هزار ٽيويهه تائين مهانگائي جي مجموعي شرح پنجويهه ڏهائي چاليهه سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته جولاءِ ٻه هزار ايڪويهه کان جنوري ٻه هزار ٻاويهه تائين مهانگائي جي گڏيل شرح 10 ڏهائي 26 سيڪڙو رهي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته جنوري ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ٻه ڏهائي چار سيڪڙو واڌ ٿي ۽ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 24 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي. جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جنوري دوران مهانگائي جي شرح ٽي ڏهائي ڇهه سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ڪئي ۽ اتي مهانگائي جي شرح 32 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button