اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف اسان کان هاڻي نڪ رڳڙائي رهيو آهي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : وفاقي سرڪار عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جو هڪ ٻيو شرط قبول ڪندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال اعتراف ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سخت ترين شرط لاڳو ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسان کان هاڻي نڪ رڳڙائي رهيو آهي. ڪالهه تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف جون شرطون قبول ڪيون آهن، عمران خان ويندي ويندي ترقي لاءِ ڪجهه به نه ڇڏيو. جڏهن عمران خان وڃي رهيو هو ته هو بجيٽ مان 200 ارب ڪٽي ويو. پر موجوده حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ هر ڏينهن ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستاني قوم غير يقيني واري سياسي صورتحال مان تمام گهڻو متاثر ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۾ ايڪسپورٽ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي وئي، رڳو ايڪسپورٽ ئي پاڪستان کي ڊالرن جي کوٽ ۽ ٻين جي ضرورت کان بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي مشوري تي پاڪستان سخت فيصلا ڪري ورتا آهن. آءِ ايم ايف جا شرط گهڻي حد تائين پورا ٿي ويا آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن، اتي اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون. آءِ ايم ايف کي هاڻي خبر آهي ته معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ سان پاڪستان جي معيشت تي ناڪاري اثر پوندا، معيشت بهتر ٿيندي ته عوام کي به رليف ملندو. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي پارٽي ڇڏڻ بابت وضاحت ڏئي ڇڏي، هو ڪٿي به نه وڃي رهيو آهي، هو پارٽي جو حصو آهي. نواز شريف مسلم ليگ ن جو سربراهه آهي، ڳالهيون ڪندڙن کي مايوسي ٿيندي. ٻئي طرف وفاقي سرڪار عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي هڪ ٻي شرط قبول ڪندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽڪينڪي سطح جون ڳالهين جو ٻيو دور اسلام آباد ۾ جاري رهيو، جنهن ۾ فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي مني بجيٽ، انفورسمٽ ۽ انتظامي قدمن بابت جائزو ورتو پيو وڃي، غيرضروري ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ نان فائلرز لاءِ وڊ هولڊنگ ٽئڪس جي شرح وڌائڻ جون تجويزون پڻ غور هيٺ آهن. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ توانائي واري شعبي تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ حڪومت نظرثاني ٿيل سرڪلر ڊيٽ مئنيجمنٽ پلان به آءِ ايم ايف ڏئي ڇڏيو آهي. فيصلي تحت بجلي جي اگهن ۾ ايندڙ مهيني ٽي رُپيا في يونٽ واڌ ٿيندي ۽ مئي ۾ ستر پئسا في يونٽ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي. جڏهن ته نئين مالي سال جي پهرين مهيني تائين بجلي ڇهه رُپيا في يونٽ مهانگي ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف ٽي سئو يونٽ سبسڊي جي تجويز ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته رڳو سئو يونٽ تائين غريب واهپيدارن کي سبسڊي ڏني وڃي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان ٻه سئو ارب رُپيا ريونيو حاصل ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف 4100 ارب رُپين جا گردشي قرض به ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، گردشي قرضن ۾ 952 ار رُپين کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو. جڏهن ته واهپيدارن کي ملندڙ 675 ارب رُپين جي سبسڊي به ختم ٿيندي. بجلي واري شعبي ۾ گردشي قرض 2500 ارب رُپيا آهي جڏهن ته گئس واري سيڪٽر جو گردشي قرض 1600 ارب رُپين تائين پهچي چڪو آهي. واضح رهي ته ناڻي واري وزارت بجلي ۾ اگهن ۾ ست کان ڏهه رُپيا في يونٽ تائين واڌ جي تجويز ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button