غير درجه بندي

معاهدو گذريل حڪومت ڪيو هو، مهانگائي ٿيڻ ۾ اسان جو ڪو ڏوهه ناهي: گهرو وزير

گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته مهانگائي آ ايم ايف سان معاهدي جو نتيجو آهي، ان ۾ اسان ڪو به ڏوهه ناهي. بهاولپور ۾ نواز ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ ڪيل واڌ سڀني کي متاثر ڪيو آهي، مهانگائي جو طوفان اچڻ ۾ اسان جو قصور ناهي پر اهو اڳوڻي حڪومت طرفان آ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جي نتيجي ۾ ٿي آهي، ڄاڻايل معاهدي تي عمل ڪرڻ اسان لا مجبوري بڻجي ويو ۽ جيڪڏهن معاهدي کي اڳتي نه وڌايون ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. هن چيو ته اسان ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو هو پر هڪ سازش تحت ملڪ عمراني ٽولي جي حوالي ڪيو ويو، هاڻي ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لا نواز شريف جي قيادت ۾ جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ مريم نواز ان جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏکئي وقت ۾ اسان جي ڀيڻ ۽ ڌي مريم نواز ٻاهر نڪتي آهي. مسلم ليگ (ن) مريم کي اها ذميواري ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button