پاڪستانپنجاب

زرداري هتڪ عزت جو شوق ڀلي پورو ڪري، مهانگائي جو مان ذميوار ناهيان:عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري هتڪ عزت جي دعويٰ جو شوق ڀلي پورو ڪري، مان پنهنجي ڏنل بيان تي قائم آهيان، ساک متاثر ٿيڻ جي دعويٰ اهي ڪندا آهن، جن جي پنهنجي ڪائي عزت هوندي آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آصف علي زرداري بابت پنهنجي بيان تي اڄ به قائم آهيان، هتڪ عزت جي دعويٰ اهو ڪري جنهن جي ڪا عزت هجي. هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ منهنجي بهترين حڪمت عملي هئي، اسيمبليون ٽٽندي ئي حڪومت بند گهٽي ۾ اچي وئي آهي، جيڪڏهن اسيمبليون نه ٽوڙيون ها ته عام چونڊون نه ٿين ها. صوبن ۾ اليڪشن بابت عمران خان چيو ته جيڪڏهن 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ڪرايون ويون ته اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي، اڃا منهنجو هڪ ٻيو طبي معائنو ٿيڻو آهي، صحتياب ٿيندي ئي اليڪشن مهم جي شروعات ڪندس. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي سربراهه پشاور پوليس لائينز ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پشاور ۾ ڏاڍو ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ سانحو ٿيو آهي پر افسوس جو ان کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مان مُلڪ ۾ دهشتگردي ۽ مهانگائي جي ذميوار نه آهيان، هينئر منهنجي حڪومت ئي ناهي ته مان ذميوار ڪيئن ٿي سگهان ٿو، خراب حالتن جي ذميواري منهنجي حڪومت کان پهريان ٽيهه سالن کان اقتدار ۾ رهڻ وارن تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button