پاڪستانرانديون

مڪي آرٿر هيڊ ڪوچ ٿيو ته اها پاڪستان ڪرڪيٽ جي منهن تي چماٽ هوندي:مصباح الحق

اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ رهندڙ مصباح الحق چيو آهي ته مڪي آرٿر لا پاڪستان پهرين نه پر ٻي ترجيح آهي، ان باوجود ڪرڪيٽ بورڊ کيس هيڊ ڪوچ بڻائڻ لا آتو آهي، آرٿر جي امڪاني مقرري پاڪستان ڪرڪيٽ جي منهن تي چماٽ هوندي. هڪ انٽرويو ۾ مصباح چيو ته هينئر ڪرڪيٽ بورڊ ۾ حالت اها آهي جو اسان ڪل وقتي ۽ ها پروفائيل ڪوچ جي ڳولا ڪرڻ جي به قابل نه رهيا آهيون ۽ بهترين ڪوچ پاڪستان اچڻ نٿا چاهين، اها به شرمناڪ ڳالهه آهي، آئون پنهنجي ڪرڪيٽ نظام کي ذميوار قرار ڏيندس ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي به ذميوار سمجهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏهن به پنهنجن کي عزت يا ڪريڊٽ نه ڏيندا آهيون، اسان پنهنجن ماڻهن جو سدائين تاثر خراب ڪيو آهي، اڳوڻا ۽ هاڻوڪا ڪرڪيٽر هڪٻئي جي عزت نٿا ڪن، اڳوڻا ڪرڪيٽر پنهنجي يوٽيوب چئنل جي ريٽنگ وڌائڻ لا ٻين خلاف زهر اوڳاڇيندا رهن ٿا. مصباح وڌيڪ چيو ته اسان جا رانديگر رڳو ميارون ڏيڻ ۾ پورا آهن ۽ شڪايتن خلاف هڪٻئي خلاف ڳالهائيندا رهن ٿا، پي سي بي کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان وٽ به ڪوچنگ لا انضمام، وقار، محمد اڪرم ۽ عاقب جاويد جهڙا چڱا ماڻهو موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button