سنڌ

40 سيڪڙو مارڪون لازمي قرار،عدالت استادن جي ڀرتين ۾ هارڊ ايريا پاليسي رد ڪري ڇڏي

سنڌ ها ڪورٽ سکر بئنچ استادن جي ڀرتين لا تعليم کاتي جي هارڊ ايريا پاليسي کي رد ڪري ٽيسٽ ۾ هارڊ ايريا وارن علائقن ۾ 33 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي استاد مقرر نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ تعليم کاتي ۾ تازو ڀرتي ڪيل 50 هزار کان وڌيڪ استادن جي ڀرتي واري معاملي تي داخل ڪيل پٽيشن تي پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ استادن جي ڀرتي لا گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو مارڪن واري پاليسي برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سنڌ ها ڪورٽ سکر بئنچ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جن تعلقن ۾ اميدوارن جون مارڪون 40 سيڪڙو کان به گهٽ آهن، اتي ٻيهر ڀرتي لا ٻيهر اشتهار ڏنا وڃن، گهٽ مارڪون کڻندڙ استادن کي مقرر ڪرڻ شاگردن ۽ قوم جي مستقبل لا بهتر ناهي، استادن جي ڀرتي لا طئي ڪيل طريقيڪار ۾ تبديلي سڄي عمل کي شڪي بڻائيندي آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته هارڊ ايرياز وارن علائقن ۾ پهريان ئي تعليم جو تناسب گهٽ آهي، گهٽ مارڪون کڻندڙ استادن جي ڀرتي سٺو نتيجو نه ڏيندي، غير حاضري تي استادن جي پگهار ۾ ڪٽوتي سان اسڪولن ۾ حاضري بهتر ٿي سگهي ٿي. عدالتي فيصلي ۾ اهو پڻ چيو ويو ته استاد نه هجڻ سبب سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار اسڪول بند پيل آهن، استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لا موبائيل ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وڃي، طئي ڪيل موڪلن کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪو استاد غير حاضر رهي ته ان جي پگهار ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي. عدالتي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو ته شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ استادن جي ڀرتي واري پاليسي مختلف آهي، جنهن تي ڪافي سوال اٿاريا وڃن ٿا، اشتهار وقت شهري علائقن ۾ جن بند پيل اسڪولن ۾ خالي آساميون قرار ڏنيون وينديون آهن، اتي نوان استاد ڀرتي نه ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري اسڪول بند آهن. شنوائي دوران تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري عدالت کي ٻڌايو ته جيڪي بايو ميٽرڪ سسٽم ۽ موبائيل ايپ آهي، ان تي استادن جون تنظيمون رڪاوٽ بڻيل آهن، جنهن تي عدالت پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو ته استادن جون تنظيمون استادن جي فلاح لا آهن، اهي انتظامي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن ۽ اهڙو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو ناهي، استادن جي پگهار ۾ ڪٽوتي جي صورت ۾ حاضري بهتر ٿي سگهي ٿي. عدالتي فيصلي ۾ نادرا سان لاڳاپيل شاگردن جي مسئلن تي تعليم کاتي جي عملدارن ۽ سيڪريٽري فنانس کي هدايت ڪئي وئي ته اهي نادرا سان ايم او يو سائن ڪن ۽ شاگردن کي ب فارم يا سڃاڻپ ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button