پاڪستانخيبرپختونخوا

وڌيڪ قربانيون نه ڏينداسين،پختونخوا ۾ پوليس اهلڪار سراپا احتجاج، اجتماعي استعيفائن جي ڌمڪي

خيبر پختونخوا پوليس جو دهشتگردي جي واقعن تي صبر جواب ڏئي ويو، پوليس لانينز جي آپگهاتي حملي خلاف پشاور ۽ مردان ۾ سوين اهلڪار رستن تي نڪري آيا، جن حملو ڪندڙن کي سزائون نه ڏيڻ جي صورت ۾ اجتماعي طور استعيفائون ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب پشاور ۾ پوليس لائينز جي مسجد اندر آپگهاتي حملي ۽ سوين ماڻهن جي شهادت واري واقعي خلاف پوليس اهلڪارن بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته سماجي تنظيمن جا ڪارڪن به احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ هئا، اڪثر اهلڪارن کي وردي پڻ پهريل هئي جيڪي پنهنجي مطالبن جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي اهلڪارن چيو ته هر ڀيري پوليس کي ئي ڇو قرباني ڏيڻي پوندي آهي، پوليس تي وڌيڪ حملا برداشت نه ڪيا ويندا، پشاور پوليس لائينز ڌماڪي جي شفاف انڪوائري لا جي آ ٽي جوڙي وڃي ۽ پوليس تي حملو ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هوڏانهن مردان ۾ به پوليس اهلڪار سراپا احتجاج بڻجي ويا. هنن “خيبر پختونخوا پوليس زنده آباد” جا نعرا هڻندي چيو ته خودڪش حملي جي مناسب جاچ نه ڪرائي وئي ۽ ٻيهر پختونخوا ۾ پوليس تي اهڙو ڪو حملو ٿيو ته سڄي صوبي جا هڪ لک کان وڌيڪ اهلڪار اجتماعي طور نوڪرين تان استعيفائون ڏئي ڇڏيندا. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي جوانن جي خون جو پلاند نه ورتو ويو ته سڄي صوبي جي پوليس پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي، اسان سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو نه ته روز روز جنازا کڻڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button