پشاور پوليس لائينز خودڪش ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 101 ٿي ويو آهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ آهي ته هيل تائين 101 ماڻهن جا لاش اسپتال آندا ويا آهن، جڏهن ته بم ڌماڪي جي 49 زخمين جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هوڏانهن آپگهاتي حملي جي جاچ ڪندڙ ٽيم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي ٽئين ڏينهن خودڪش جيڪٽ جو ڪپڙو ۽ بال بيرنگز ملي ويا آهن، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 12 کان 14 ڪلوگرام ها ايڪسپلوزو مواد استعمال ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close