اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي رولو ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ تي سخت ڪاوڙ

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته آفيسر پيش ٿي ٻڌائين ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي وئي؟ عدالت رولو ڪتن کي تڪليف سان مارڻ بدران پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت چيو ته چيئر پرسن وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ ٻڌائي ته رولو ڪتن کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ ڇا ڪهڙي پاليسي ٺهي؟ ڇو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي چيئرمين، وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سڀني آفيسرن کي 16 نومبر تي طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button